ڪنشاسا (م ڊ) آفريڪي مُلڪ ڪانگو ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب مٽي جي ڇپ ڪرڻ جو حادثو ڪانگو جي اولهندي علائقي ۾ پيش آيو، واقعي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن موجب حادثي واري هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن، جڏهن ته حادثي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا.