حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ وفاقي سرڪار پاران هلندڙ سال ڪپهه جو امدادي اگهه ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڪپهه جو اگهه 15 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪراچي، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپورميرس، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي جي آبادگارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ٻج، ڀاڻ، تيل، زرعي دوائون ۽ مشينري جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن ڪري ڪپهه جو گهٽ اگهه مقرر ڪرڻ آبادگارن سان ناانصافي هوندو ان لاءِ اهڙو فيصلو واپس وٺي اگهه وڌايو وڃي ٻي صورت ۾ آبادگار مايوس ٿيندا ۽ ڪپهه جي فصل جي پوک پڻ گهٽجي ويندي. اجلاس دوران آبادگارن سنڌ ۾ ٽماٽي جو اگهه گهٽجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽماٽي جو 15 ڪلو وارو ٿيلهو 100 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ آبادگارن سان مذاق آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت ٽماٽي جي آبادگارن کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ سندن فصل کي ٻاهر ايڪسپورٽ ڪرڻ جو بندوبست ڪري. اجلاس ۾ آبادگارن مطالبو ڪيو ته بدين، جهڏو، ٽنڊوالهيار ۽ نوشهروفيروز سميت ٽماٽي جي پيداوار وارن علائقن ۾ سمال ميڊيم انٽر پرائسز طرفان آبادگارن کي ننڍا قرض ڏنا وڃن.