ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا قتل ، ان ڏس ۾ڪياماڙي جي گيٽ نمبر 15 وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 34 ورهين جي دائود پٽ عمر خطاب کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب دائود ٽرڪ ۾ ويٺل هو، هٿياربندن ٽرڪ جي دري به نه کولي ۽ ٻاهران فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، ٻئي طرف ڪريم آباد جي موسيٰ ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 53 ورهين جي آصف ولد عبدالستار کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن  نيو ڪراچي ۾ منگل بازار وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 28 ورهين جي وسيم ولد شعيب کي قتل ڪري ڇڏيو،