لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي جي ملاقات، آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڌمڪين سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، عمران کي آڻيندڙ پڇتائن پيا، ايندڙ اليڪشن ۾ سرپرائيز ڏينداسين. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي لاهور بلاول هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آصف علي زرداري پرويز الاهي کان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. آصف زرداري چيو ته چوڌري شجاعت جي طبيعت بابت بلاول مونکي ٻڌايو هو، جنهن تي چوڌري پرويزالاهي چيو ته چوڌري شجاعت هاڻي پهرين کان بهتر آهي. ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب آصف علي زرداري چوڌري پرويز الاهي کي چيو ته اوهان اسانجا به اتحادي هئا ۽ موجوده حڪومت جا به اتحادي آهيو، فرق جي ته خبر پئجي وئي هوندي، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي سڀني کي سرپرائيز ڏيندي. ذريعن موجب ان موقعي تي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي چيو ته اسان اتحادي هجڻ باوجود ڪيترائي ڀيرا حڪومتي پاليسين سان اختلاف ڪيو، سمورين اسيمبلين ۾ هنگامو ٿيو پر پنجاب ۾ ايئن ٿيڻ نه ڏنو، هاڻ تحريڪ انصاف جا اتحادي آهيون ۽ چونڊن تائين رهنداسين، قومي اسيمبلي ۾ ڪيترائي ڀيرا بلاول جي تقرير ٻڌي، هو تمام ميچوئر ڳالهائيندو آهي. ذريعن موجب آصف زرداري چيو ته عمران خان ڪڏهن به سياستدان نه هو، عمران کي آڻيندڙ پڇتائي رهيا آهن، عمران ۽ وزير سمجهن ٿا ته ڌمڪين سان سنڌ حڪومت کي ڊيڄاريندا ته اها سندس ڀُل آهي، اسان آمرن سان مقابلو ڪيو آهي، هي ڪهڙي شئي آهي؟. ذريعن موجب آصف زرداري چيو ته بلاول ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو بهترين اپوزيشن ڪرڻ ڄاڻي ٿو، پرويز الاهي سان ملاقات ۾ اڳوڻي صدر چيو ته ڏکڻ پنجاب جون اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿينديون. پ پ ذريعن موجب آصف زرداري ۽ چوڌري پرويز الاهي ۾ ملاقات دوران آزاد عدليا ۽ ان جي احترام تي اتفاق ڪيو ويو.