سنڌ ۾ خواب بڻجي ويل امن ۽ پوليس ڪارڪردگي

0
360
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

امن جي ڌرتي سنڌ ۾ امن نه رهي اها ڳالهه ته ڪنهن خواب ۾ به نه سوچي هوندي پر هتي ستن ڏهاڪن کان اها صورتحال آهي ته بدامني جو راڄ آهي. اهي ئي ادارا جيڪي آزاي کان اڳ امن قائم ڪندا هئا، جن جي هوندي اسان وٽ ڪنهن کان ڦر ۽ ڪنهن جي قتل جو ڪو ورلي واقعو ٿيندو هو پر ان کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو اسان جي وڏڙن جي يادگيرين ۽ تاريخ جو حصو آهي. امن جي بحالي ڪنهن به حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ۽ اهو ڪم حڪومت جي هٿ هيٺ پوليس جو هوندو آهي پر اسان وٽ پوليس جي ڪارڪردگي سواليا نشان بڻيل آهي. سڄي سال جي ڳالهه ته ڇڏيو پر اسان وٽ مهينن ۾ ئي خونريزي، قتل، ڦرن، ڌاڙن، اغوائن جي واقعن جو تعداد ايترو ته وڌيڪ هوندو آهي جو ان جو ڪنهن به سڌريل ملڪ ۾ تصور به محال آهي. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي اخبار جا صفحا شاهد آهن ته رڳو شڪارپور ضلعي ۾ 26 ڏينھن دوران 10 ڄڻا قتل ۽ 7 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آهن. قتل ٿيلن ۾ الله آباد ڪالوني واسي نوجوان راحيل سومرو، نينگر نور حسن جتوئي، نوجوان امجد شر، منظور جتوئي، علي حسن جعفري، پرائمري استاد علي مراد ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، روڊ رستا، ڳوٺ توڙي شهر ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن. جڏهن ته پوليس اغوا ٿيل 7 ڄڻن کي به بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
ان صورتحال ۾ پوليس جي ڪارڪردگي اها آهي ته اهلڪارن جو رڳو گرفتار ڪيل ماڻهن کي گوليون هڻي مارڻ يا زخمي ڪرڻ تي زور آهي. رڳو ڪالهوڪي هڪڙي ڏينهن ۾ 9 ڄڻن کي شڪي پوليس مقابلن ۾ زخمي ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوابشاهه پوليس مقابلو ڄاڻائي ٻن ڳوٺاڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، اهلڪار زخمي جوابدارن کي گهلي سندن تـذليل ڪندا رهيا، پوليس موجب جوابدار موٽر سائيڪل ڦر ڪري رهيا هئا ته اوچتو پوليس پهچي وئي ۽ مقابلو ٿي ويو. حيدرآباد جي مارڪيٽ پوليس طرفان مقابلي ۾ جوابدار سهيل آرائين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. بدين جي سيراڻي روڊ تي مقابلي دوران صدا م جتوئي ۽ نادر جتوئي زخمي کي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڊکڻ جي ٿرڙي لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ شاهه محمود سومرو کي هاف فراءِ ڪيو ويو آهي. مدئجي پوليس به مقابلي دوران امام الدين شر نالي جوابدار کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. سکر ۾ جوابدار فخرالدين سبزوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اهي مقابلا اهڙا آهن جن تي ڪنهن کي به اعتبار ناهي ڇاڪاڻ ته پوليس جي ڪارڪردگي ئي اهڙي آهي جو انهن تي اعتبار ناهي ايندو. اسان جي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ سان گڏ پوليس جي ڪارڪردگي تي به نظر رکي ۽ ان کي به بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي پوليس جي بيانن تي به اعتبار اچي ۽ پوليس تي اعتماد به بحال ٿئي ۽ عوام پاڻ کي پوليس جي موجودگي ۾ محفوظ سمجهي. اها به حقيقت آهي ته پوليس جا جوان قربانيون ڏئي چڪا آهن پر پوءِ به پوليس تي عوام جو اعتماد بحال نه ٿي سگهيو آهي ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ان تي حڪومت سان گڏ پوليس جي اسٽيبلشمينٽ کي به سوچڻ گهرجي. پوليس ڪيتري به ڦڙت ۽ چوڪس ڇو نه هجي جيڪڏهن عوام کي مٿن اعتبار نه هوندو ته عام ماڻهو پوليس سان ڪنهن به معاملي ۾ سهڪار نه ڪندا. ۽ جنهن اداري سان عوام سهڪار نه ڪري ته اهو ڪنهن به صورت ۾ بهتر ڪم نه ٿو ڪري سگهي. پوليس کي عوام جي نفسيات موجب ڪم ڪرڻ گهرجي. ان باري ۾ پوليس جي قيادت کي ڀرتين ۽ ٽريننگ جا طريقا تبديل ڪرڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو پوليس وردي پاتل جوانن کي پنهنجو دشمن نه پر پنهنجو محافظ سمجهن. جڏهن ته قانونسازي ڪري جڙتو پوليس مقابلن جي راهه روڪي وڃي. سٽيزن پوليس لائزن ڪاميٽين کي فعال بڻايو وڃي. پوليس وارن جو رويو عوام دوست هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن وقت پوليس کي عوام نه پر ڏوهارين ۽ بااثرن جو دوست سمجهيو ويندو آهي، ان تاثر کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.