قومي اسيمبلي ۽ قومي سياست تي بحث

0
380

گذريل سڄي هفتي ۾ هر طرف پارليامينٽ هائوس اندر ٿيل حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ڌماچوڪڙي جو ذڪر ڇانيل رهيو. جنهن به سرڪاري آفيس ۾ وڃجي يا ڪنهن سياسي پارٽي جي آفيس وڃجي ته اتي پارليامينٽيرينز پاران هڪ ٻئي کي ڏنل گارگند جو ذڪر هو. جڏهن ته ڪروڙين رپين جي خرچ سان تيار ڪيل بجيٽ دستاويز جنهن نموني الله تعاليٰ جا 99 نالا لکيل ڇت جي هيٺان هڪ ٻئي جي طرف اڇلايا ويا، ان مان ائين ظاهر ٿئي پيو ته ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي عزت ۽ ناموس پيارو آهي، جڏهن ته جن شهرين جي ووٽن تي هو چونڊجي آيا آهن انهن جي باري ۾ انهن کي رتي برابر به خيال نه آهي. هونئن ته بجيٽ دستاويزن ۾ ايندڙ سال ۽ ويندڙ سال جا سمورا تفصيل موجود هوندا آهن. انهن دستاويزن کي جيڪڏهن پڙهجي ته ان مان گهڻو مواد ملي سگهي ٿو جنهن سان ايندڙ سال ۾ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪري سگهجن پيا، پر افسوس جو اهي دستاويز ائين ڦٽا ڪيا ويا ڄڻ ڪنهن مڇي مارڪيٽ ۾ واڪ ڏنو وڃي.
پارليامينٽيرينز جي اهڙين حرڪتن سبب پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اسپيڪر اسد قيصر ڪجهه ميمبرن مٿان پابندي ته لڳائي پر ان پابندي ۾ به هن يونيفارم پاليسي استعمال نه ڪئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته جن ميمبرن جي مٿان پابندي لڳائي وئي، انهن سان گڏ حڪومت پاران جن وفاقي وزيرن بجيٽ جا دستاويز اڇلايا ۽ ٽيبلن تي بيهي مخالف ڌر جي ميمبرن مٿان اُلرون ڪيون، انهن جو نالو به پابندي وارن ميمبرن ۾ شامل ڪري ها، پر افسوس جو اسپيڪر اسد قيصر وفاقي وزير مراد سعيد، شفقت محمود، شيرين مزاري ۽ ٻين جا نالا شايد ان ڪري شامل نه ڪيا ته هو هن بجيٽ سيشن ۾ اپوزيشن جي حڪمت عملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ٿا. شايد اسپيڪر اهو به سوچيو هجي ته پي ٽي آءِ جي طرف کان هميشه بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير جو جواب وفاقي وزير مراد سعيد ڏيندو آهي ان ڪري هن جي مٿان پابندي نه لڳائي وئي. اهو واضح آهي ته وفاقي وزير مراد سعيد جو وارو جڏهن به ايندو ته هو بجيٽ دستاويزن تي ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سياسي ڳالهه ٻولهه ڪري پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو، اهڙي طرح شفقت محمود، پرويز خٽڪ ۽ ٻيا وزير پڻ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ بجيٽ جي دستاويزن ۾ موجود انگن اکرن تي ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ صرف سياسي ڳالهيون ڪيون.
هن ڀيري اهو به ڏٺوسين ته بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت مٿان گڏهن جي واڌ بابت تفصيل سان بحث ڪندي ڇتي تنقيد ڪئي، پر سندس تقرير جو جواب وفاقي وزير مراد سعيد بجاءِ وفاقي وزير حماد اظهر ڏنو. حماد اظهر جي تقرير وقت بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ڪري ايوان مان هليو ويو. هن حماد اظهر جي تقرير جو نوٽيس نه ورتو پر حماد اظهر پنهنجي تقرير واري ٽائيم کي مڪمل طور استعمال ڪندي بار بار اهو ورجايو ته بلاول ڀٽو زرداري کي سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هن ايوان ۾ موجود رهڻ گهرجي ها. ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو قد ڪاٺ حماد اظهر کان وڌيڪ آهي، ان ڪري هو پاڻ کي ايوان ۾ ويهي حماد اظهر جي تقرير ٻڌڻ بجاءِ پنهنجي چيمبر ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ اتي پارٽي جي حوالي سان ڪجهه اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ايتري تائين جو سندس چيمبر ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر به هن بند ڪري ڇڏيا ته حماد اظهر جي تقرير ڇو ٻڌجي؟
قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ماحول هن وقت پيدا ٿي چڪو آهي ان کي سامهون رکي ڏسجي ته سوشل ميڊيا ذريعي پارليامينٽيرينز مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي ته هنن جو جيڪو ايوان اندر رويو آهي ان کي سامهون رکجي ته هو هن ايوان جا ميمبر ٿيڻ جي قابل ناهن. سوشل ميڊيا تي اهڙي رويي بابت مختلف راءِ ڏني پئي وڃي. اهڙي راءِ جو ذڪر سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي ڪوٺايل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. رضا رباني جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اندر جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو اهو سوچيل سمجهيل سازش آهي ته جيئن ملڪ جي نوجوانن ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کان نفرت پيدا ڪجي. تازو سوشل ميڊيا تي جيئن سياستدانن مٿان تنقيد ٿي آهي ان جو مثال نه ٿو ملي. هر طرف سياستدانن جي خلاف نفرت وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي.
ڪجهه اڻ ڏٺيون ڌريون اهو چاهين ٿيون ته پاڪستان ۾ آئين ۽ پارليامينٽ سپريم آهن انهن کي هن سوشل ميڊيا جي دور ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت جي قابل بڻائجي ته جيئن ايندڙ عام چونڊن ۾ عام شهري پارليامينٽ ۽ آئين کي ڪابه اهميت نه ڏين ۽ انهن اڻ ڏٺين ڌرين جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ملڪ اندر صدارتي نظام لاءِ راهه هموار ڪرڻي آهي.
سينيٽر رضا رباني جا خدشا پنهنجي جاءِ تي درست هوندا پر سياستدانن کي پنهنجي روين تي به غور ڪرڻو پوندو. خاص طور ان وقت جڏهن هو قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران موجود آهن. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پارٽي پاليسي کان هٽي عوام جي ڀلائي لاءِ ڳالهه ڪرڻ گهرجي پر هتي ته معاملو ان جي ابتڙ آهي. هر ايم اين اي عوام جي ڀلائي بابت ڪم ڪرڻ بجاءِ پارٽي جي اڳواڻن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل هوندو آهي. هن وقت تائين جيڪو بجيٽ سيشن ٿي چڪو آهي ان ۾ سواءِ گوڙ گمسان جي ڪا به عوامي ڀلائي بابت ڳالهه نه ٿي آهي. مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن پنهنجي تقريرن ۾ روايتي ڳالهيون ڪندي صرف اهو جملو ضرور چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي نئين مالي سال جي بجيٽ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان آڻيندي پر اهو نئون طوفان ڪيئن ايندو ان بابت ڪنهن هڪ به ايم اين اي وضاحت سان پنهنجي تقرير ۾ ناهي ڳالهايو. اڪثر ميمبرن پنهنجي تقريرن ۾ بجيٽ کان هٽي ساڻن ٿيل ذاتي معاملن ۽ سياسي انتقام بابت ڳالهه ڪئي آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته حڪومت ڌر سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز به مخالف ڌر جي ايم اين ايز وانگر صرف لفظن تي ٻڌل تقرير ڪئي آهي. ان تقرير ۾ هنن بجيٽ دستاويز جو جائزو وٺڻ کان بغير پارٽي پاليسي تي عمل ڪندي نئين مالي سال جي بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ قرار ڏنو آهي ۽ گڏ وزيراعظم عمران خان جي ساراهه ڪئي آهي. حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي اهڙي رويي تي ڪجهه بزرگ اڳواڻ، جيڪي پارليامينٽ جو حصو ناهن، انهن جو اهو موقف آهي ته جيڪي ميمبر بجيٽ جا انگ اکر نه ٿا پڙهي سگهن انهن جي وضاحت نه ٿا ڪري سگهن، انهن کي پارليامينٽ جو ميمبر نه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جو عوام انهن ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ ان لاءِ چونڊي موڪلي ٿو ته هو عوام دوست پاليسيون ٺاهي عوام کي رليف فراهم ڪن.
اهو به ڏسجي ته اسلام آباد جيڪو وفاقي گادي وارو شهر آهي اتي روز مرهه جي استعمال وارين شين جي قيمتن تي ڪو ڪنٽرول نظر نه ٿو اچي ايستائين جو ڪيترائي ايم اين ايز اهڙا آهن جيڪي حڪومت سان تعلق رکندڙ هجن يا مخالف ڌر سان اهي شهر جي مختلف مارڪيٽن ۾ شاپنگ ڪندي نظر ايندا آهن پر افسوس جو اهي مهانگائي جي حوالي سان ڪڏهن ڪنهن دڪاندار سان ڳالهه ڪندا هجن. باقي سڄي ملڪ جو حال اسان سڀني کي خبر آهي پر مان هتي اسلام آباد جو حال احوال ان لاءِ ڪندس ته اسلام آباد جي انتظاميا جو شين جي قيمتن تي ڪو به ڪنٽرول ناهي. هر دڪاندار پنهنجي مرضي سان ريٽ طئي ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو دڪاندار نالي ماتر جاري ڪيل اگهن واري لسٽ تي عمل ڪري ٿو ته ان وٽ معيار مطابق شئي نه ٿي ملي. حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز يا وفاقي وزير شايد وزيراعظم کي ان عمل بابت آگاهه نه ٿا ڪن، باقي سڄي ملڪ جي حالتن بابت ڪيئن آگاهه ڪندا هوندا.
اسان جي ڄاڻ مطابق هر نئين مالي سال جي بجيٽ دوران پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان وڏي انگ ۾ بجيٽ دستاويز تيار ڪندي آهي. هن ڀيري به بجيٽ دستاويز وڏي تعداد ۾ تيار ڪيا ويا، پر افسوس جو انهن دستاويزن جو صحيح استعمال پارليامينٽ ۾ اسان کي نظر نه آيو. بجيٽ دستاويزن جي استعمال جو جائزو وٺجي ته اسانکي ويجهي ماضي ۾ انهن دستاويزن جو مناسب استعمال ٿيندي نظر ناهي آيو، اڪثر ميمبر بجيٽ پيش ٿيڻ واري ڏينهن به انهن دستاويزن تي ٻڌل بنڊل گهر به ناهن کڻي ويندا. اهو بنڊل انهن جي سيٽ هيٺان ئي پيو رهجي ويندو آهي بعد ۾ جڏھن بجيٽ سيشن ختم ٿيندو آهي ته دستاويزن جو بنڊل ايوان جي صفائي ڪندڙ عملو ايوان کان ٻاهر کڻي ويندو آهي ۽ بنڊل پورو سال قومي اسيمبلي جي اسٽور روم ۾ پيل هوندا آهن.
انهن سمورين حالتن ۾ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته انهن ميمبرن لاءِ بجيٽ دستاويز تيار ئي نه ڪجن، خزاني جو خرچ بچائجي. اهي دستاويز ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏجن ۽ سرڪاري ريڪارڊ لاءِ ڪجهه ڪاپيون رکجن. جنهن کي ضرورت پوي اتان ڊائون لوڊ ڪري وٺي ۽ سمورن ميمبرن کي پابند بڻايو وڃي ته هو انهن انگن اکرن کي صحيح نموني سان پڙهن ۽ بجيٽ سيشن ۾ صرف بجيٽ تي ڳالهائين، ان سان اهو قوم کي معلوم ٿي سگهندو ته اسانجا چونڊيل نمائندا ڪيتري معيشت ڄاڻن ٿا. باقي رهي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني جيڪا سيمينار ۾ تقرير ڪئي ان کي سامهون رکي سوچجي ته جمهوريت جي خلاف هڪ مهم زور سان هلائي وئي آهي ۽ قومي اسيمبلي جو هاڻوڪو واقعو ان سوچ رکندڙن کي هٿي وٺرائي ٿو.
انهن جي سوچ کي ٻنجو ڏيڻو آهي ته ايوان ۾ اهڙا ماڻهو چونڊي موڪلڻا پوندا جيڪي آئين ۽ قانون جا ڄاڻو هجن، عوام جو ڏک رکندڙ هجن. الله تعالي جي نالن هيٺان بيهي ڪوڙ ڳالهائڻ وارا نه هجن، ليڊر شپ کي خوش ڪرڻ بجاءِ عوام کي خوش ڪرڻ وارا ۽ ذاتي مفادن کان پاسيرا ٿي اجتماعيت جي ڳالھه ڪرڻ وارا هجن. باقي بجيٽ اجلاس ۾ تقريرون ڪري رولز مطابق وقت پورو ڪرڻ جي به ضرورت ناهي، نه ئي رات جو ٻارنهن وڳي تائين اجلاس هلائڻ جي ضرورت آهي. ايتري دير تائين بجيٽ اجلاس هلائڻ جو مطلب قومي وسيلن جو نقصان ئي آهي.