لاهور (م ڊ) شگر ملز اسڪينڊل ۾ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف ايف آءِ اي ۾ پيش، هڪ ڪلاڪ ۾ 2 ڀيرا پڇاڻو ڪيو ويو. ايف آءِ اي پاران طلبي جي نوٽيس ۾ شهبازشريف کان رمضان شگر ملز جي ننڍن ملازمن جي کاتن ۾ منتقل ڪيل 25 ارب رپين بابت جواب گهريو هو، جڏهن ته ايف آءِ اي حمزا شهبازشريف کي 24 جون تي طلب ڪيو آهي. ايف آءِ اي شهبازشريف کي ڪالهه 11 وڳي طلب ڪيو هو پر هو 11 لڳي 47 منٽن تي ايف آءِ اي لاهور جي آفيس پهتو، شهبازشريف کي صلاحڪار ذريعي پهرين ئي سوالنامو موڪليو ويو هو، جيڪو 20 سوالن تي ٻڌل هو، اپوزيشن ليڊر کي انهن سوالن جا جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، شهبازشريف تقريبن هڪ ڪلاڪ ايف آءِ اي جي آفيس ۾ موجود رهيو، جتي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پنجاب زون ون ڊائريڪٽر رضوان جي سربراهي ۾ 5 رڪني ٽيم کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي، پهرين ڀيري شهبازشريف اڌ ڪلاڪ ايف آءِ اي جي ٽيم جا جواب ڏنا ۽ واپس وٺڻ لاءِ گاڏي ۾ ويٺو پر ايف آءِ اي اختياريون هلندڙ گاڏي روڪي کيس واپس گهرايو ، ايف آءِ اي ٽيم تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين ٻيهر شهبازشريف کان پڇا ڳاڇا ڪئي، ڪجهه ڏينهن اڳ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف کي 20 سوالن تي ٻڌل سوالنامو موڪليو ويو هو، ايف آءِ اي ذريعن موجب شهبازشريف سمورا سوال ۽ جواب ڳجها رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، بينڪنگ ڪورٽ شگر اسڪينڊل ۾ شهبازشريف ۽ حمزا شهباز جي 10 جولاءِ تائين منظور ڪيل حفاظتي ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، ٻنهي کي 10، 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، بينڪنگ ڪورٽ موجب مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي ايف آءِ اي کي گرفتاري جو حق هوندو، جڏهن به ايف آءِ اي گهرائي ته جوابدار پيش ٿيڻ جا پابند هوندا.