ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن جا 14 ڪوئيٽا جي بجلي روڊ ٿاڻي تي موجود آهن، رات ٿاڻي ۾ گذاري، ايم پي ايز کي گرفتاري لاءِ پيش ٿيڻ باوجود پوليس حراست ۾ نه ورتو ويو، ميمبر ٿاڻي جي اندر ويٺل رهيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جاچ جي مرحلن ۾ آهن، ثبوتن بنا ڪنهن کي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي، بلوچستان اسيمبلي ۾ هنگامي جي ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر سميت پوري اپوزيشن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ قتل جي ارادي، هنگامي، ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي سميت ڪيترائي قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الله لانگو اپوزيشن ميمبرن سان ٿاڻي ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون.