ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران هڪ کان 22 گريڊ جي ملازمن ۽ آفيسرن جو سروس رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جون تياريون، ڊيٽا سينٽر به قائم. کاتن کان ريڪارڊطلب،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت پاران سروسز اينڊ  جنرل ايڊمنسٽريشن، زراعت، آبپاشي، تعليم، صحت، پلاننگ مڪاني ادارن، ناڻي، گھرو مامرا، معدني وسيلن، پاپوليشن، سوشل ويلفيئر، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين ۾ هڪ کان 22 گريڊ جي سمورن ڪيڊر ۽ نان ڪيڊر آفيسرن ۽ ملازمن جو سروس رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  ان ڏس ۾ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ ڊيٽا سينٽر قائم  ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناڻي کاتي جي اختيارين ڊيٽا سينٽر هلائڻ لاءِ 18هين گريڊ جي هڪ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ 2 سيڪشن آفيسرن جي پوسٽن جي منظوري ڏني آهي، ٻئي طرف سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي اختيارين  سمورن کاتن کي خط لکي پهرين مرحلي ۾ 17 کان 22 هين گريڊ جي ڪيڊر ۽ نان ڪيڊر آفيسرن جو ڀرتي کان وٺي موجوده پوسٽنگ جو سروس رڪارڊ، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ هلندڙ ڪيسن ۽ کاتيوار انڪوائرين جا تفصيل  طلب ڪيا آهن، ٻئي مرحلي ۾ گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن جو سروس رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ ڊيٽا گھرائي ويندي. ريڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ بابت سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سروس رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ٿيڻ بعد لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين ۽ سروسز کاتي جي هڪ ڪِلڪ سان رڪارڊ تائين رسائي ممڪن ٿي سگھندي.