اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت شگر ملز کي کنڊ ملڪ کان ٻاهر وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪندي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب پيداوار واري وفاقي وزيرات ۽ شگر ملز مالڪن وچي ۾ کنڊ جي ايڪسپورٽ بابت معاملا طئي ٿي ويا آهن. پاسما جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت شگر ملز کي کنڊ مقامي مارڪٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ بدران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهرئين مرحلي ۾ 5 لک ٽن کنڊ وڪرو ڪرڻ جي جازت ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ شگر ملز مقامي کنڊ جي قيمت ۾ فوري طور تي اضافو نه ڪنديون پر نئون اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ تي کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب ڪمند جي ڪرشنگ هن ئي مهيني شروع ڪئي ويندي. اضافي پيل کنڊ جي ايڪسپورٽ سان ملڪ کي هڪ ارب ڊالر ملندا. شگر ملز مالڪ هن ئي هفتي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندا. ذريعن موجب کنڊ مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي وڃي ها ته عوام کي سستي کنڊ ملي ها.