ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ جي سرڪاري رڪارڊ کي محفوظ رکڻ واري رڪارڊ روم جي گنجائش پوري، هن وقت سرڪاري رڪارڊ سيڪريٽريٽ جي ڏاڪڻن ۽ گيلرين ۾ غيرمحفوظ پيل آهي. ان حوالي سان ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ سرڪاري جي سمورن سرڪاري کاتن جو سرڪاري رڪارڊ محفوظ بڻائڻ لاءِ جوڙيل سرڪاري رڪارڊ روم جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي،  جنهن ڪري ڪيترن ئي سرڪاري کاتن جو سرڪاري رڪارڊ سيڪريٽريٽ جي ڏاڪڻن توڙي گيلرين ۾ غيرمحفوظ حالت ۾ پيل هوندو آهي. جنهن سبب پينشن  ڪيسن توڙي فوتي ڪوٽا وقت مسئلا ٿيندا رهندا آهن