ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران عيدالفطر جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سمورن مسلمان سرڪاري ملازمن کي 17 اپريل تي پگهارون ايڊوانس طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ناڻي کاتي جي اختيارين پاران وڏي وزير جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.