ڪراچي(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي مٽاسٽا ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 24 مارچ تي ختم ٿيل هفتي ۾ 32.33 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا. اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته مجموعي ذخيرا 24 مارچ تائين 9 ارب 81 ڪروڙ ڊالر رهيا، مرڪزي بئنڪ وٽ ذخيرا 35 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 4.24 ارب ڊالر، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 3 ڪروڙ ڊالر واڌ سان 5.57 ارب ڊالر رهيا.