ٽوڪيو(م ڊ) جاپان جي مشهور ٽريڊنگ ڪمپني پنهنجي آئرش پارٽنر ڪمپني سان ملي پاڪستان کي روسي تيل ۽ نائجيريا جي ايل اين جي عالمي مارڪيٽ کان 35 سيڪڙو گهٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. جاپاني ڪمپني جي نمائندي ٽوڪيو ۾ پاڪستان جي سفير کي اها آڇ ڪئي. اها ملاقات جاپان ۾ رهندڙ مشهور پاڪستاني ڪاوباري شخصيت ۽ پاڪ جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر رانا عابد حسين جي مدد سان ٿي. جاپاني نمائندي ٻڌايو ته اسان جي جاپاني ڪمپني ۽ آئرلينڊ جي ڀائيوار ڪمپني وٽ روسي تيل ۽ نائيجيريا جي ايل اين جي وڪرو ڪرڻ جو لائسنس آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت تيل ۽ گئس جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿي ته جاپاني ڪمپني عالمي مارڪيٽ کان 34 سيڪڙو گهٽ ۾ اهي ٻئي شيون پاڪستان کي وڪرو ڪري سگهن ٿيون. پاڪستاني سفير رضا بشير تارڙ چيو ته پاڪستان عالمي قانون جي پاسداري ڪندي ان آڇ تي غور ڪري سگهي ٿو جنهن جي لاءِ ان آڇ کان حڪومت کي آگاهه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسلام آباد کان جواب مليو ته جاپاني ڪمپني کي آگاهه ڪيو ويندو.