ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تازو سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ 20 هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 88 ڪامورن، پرنسپالن، ڊاڪٽرن ۽ انجنئيرن جي ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا. نوٽيفڪيشن موجب سروسز کاتي جي ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن آغا عبدالرحيم، رشيد زرداري، جاويد سلطان مهر، امتياز شيخ ۽ احمد علي قريشي کي 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري طور ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جي چيف ميڊيڪل آفيسر طور 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 66 ڊاڪٽرن محمد احمد ، افتخار احمد، ابصار ميمڻ، عرفان الحق، عبدالستار، جاويد احمد، غياث الدين ابڙو، فوزيه ميمڻ، ڊاڪٽر سلطانه، خورشيد قريشي، نسرين سليم، طلعت هما، طاهره اسد، شهناز ميمڻ ۽ ٻين جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي 10 ڊپٽي ڊائريڪٽرن مبينا جکرو، فوزيه سلطانه ، فاطمه زهريٰ، نيئر رفيق ۽ تحسين ڪوثر، عنايت الله شيخ، دلاور خان، هارون لغاري، عبدالوحيد انڍڙ ۽ شاهنواز سهتو کي به ٽيچنگ ٽريننگ انسٽيٽيوٽن ۾ 20هين گريڊ ۾ پرنسپال طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ ۽ ورڪس کاتن جي محمد سليم شيخ ، نوراحمد جلباڻي، فدا حسين ۽ زاهد قريشي کي چيف انجنيئر ۽ اطلاعات کاتي جي غلام ثقلين کي 20هين گريڊ ۾ ڊي جي طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ سپرنٽينڊنگ انجنيئر مراد مهر کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني وئي.