اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اقتصادي ڪائونسل وفاقي ترقياتي بجيٽ 900 ارب رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، صوبن جي بجيٽ 1202 ارب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جي شرح 4.8 رکڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه صوبي جي گهٽ ترقياتي بجيٽ رکڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ اختلافي نوٽ اڄ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو . اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، صوبي کي پهريان کان به گهٽ بجيٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم آڏو مون احتجاج ڪيو جنهن تي وزيراعظم روڪيندي چيو ته اوهان گهڻو ڳالهائي رهيا آهيو، پهريان جواب ٻڌو جنهن تي مون کيس چيو ته پهريان ڳالهه مڪمل ڪرڻ ڏيو، وڏي وزير چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي ڪمن تي خوشي آهي، فنانس ڊويزن صوبن کي ترقياتي بجيٽ لاءِ فنڊ ڏيندي آهي، 4 سال پراڻي اسيڪمن لاءِ اها ئي بجيٽ آهي، هن چيو ته صوبن سان مشاورت نه ڪئي وئي، وفاق ۾ ويهي فيصلا ڪيا ويا، وزيراعظم سامهون احتجاج ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب جي 94 ارب، سنڌ جي 65 ارب رپين جي اسڪيمن کي شامل ڪيو ويو، هڪ ئي جاءِ تي ٻن مختلف طرز جي اسيڪيمن کي شامل ڪرڻ سان ڪرپشن ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 9.7 ارب جي اسيڪمن تي صرف 500 ملين خرچ ٿيا، سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ته اسيمبلي ميمبرن جي چوڻ تي اسڪيمون شامل نه ڪيون وڃن، اسانجو احتجاج سنڌ لاءِ گهٽ ترقياتي بجيٽ رکڻ خلاف آهي، سنڌ جي حقن تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين،صوبي جي آئيني حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، حڪومت بدران ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي اسڪيمن کي شامل ڪيو ويو، سنڌ حڪومت ڄاڻي ٿي ته ڪهڙيون اسڪيمون ڪهڙي هنڌ ضروري آهن، ترقياتي اسڪيمن کي حڪومت ذريعي مڪمل ڪيو وڃي،هن چيو ته وفاق ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ جا 7 ارب مان وڌائي 15 ارب رپيا ڪيا ويا آهن، سيد مراد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻه جماعتون جيڪي خواب ڏسي رهيون آهن، اهي ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، هڪ پارٽي سنڌ ۾ نئين صوبي ۽ ٻي پارٽي گورنر شاهي جو راڳ آلاپي رهي آهي، ايم ڪيو ايم ڪورونا تي سياست پئي ڪري، اسان ماڻهن جون حياتيون بچائي رهيا آهيون ۽ هو چون پيا ته معاشي قتل ٿي رهيو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا سبب مڪمل لاڪ ڊائون جي صورتحال هئي پر اسان ڪجهه نه ڳالهايو، ڇا لاهور ۾ ڪوبه معاشي قتل نه ٿيو، وزيراعليٰ مراد شاهه چيو ته نواز ليگ دور ۾ گرين لائن منصوبي جو اعلان ٿيو، وزيراعظم ان کي مڪمل ڪرڻ جي حامي ڀري، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گرين لائين بس سروس هلائڻ جو واعدو ڪيو هو پر 3 سال ٿي ويا اهو واعدو پورو ناهي ٿيو، هن چيو ته وفاق ۾ ڪرپشن جون گهڻيون ڳالهيون ٿين ٿيون پر ڪيس نٿا ٺهن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ سال ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جا 4 اجلاس گهرائڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، صرف 2 اجلاس گهرايا ويا، اين اي سي جي اجلاس ۾ جيڪي اسان سان واعدا ڪيا ويا هئا اهي پورا ناهن ٿيا. هن چيو ته وفاقي وزير اسد عمر جو بيان افسوس جوڳو آهي، کيس شايد اهو علم ناهي ته سنڌ سڄي ملڪ جو 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندو آهي، ڪرپشن جي الزامن هيٺ سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻجڻ نه ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ ۾ چونڊيل نمائندا آهيون، انهن کي بغير ٻڌائي ترقياتي خرچ نه ٿو ڪري سگهجي، هوڏانهن قومي اقتصادي ڪائونسل اجلاس جي پڌرائي موجب اين اي سي ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جي شرح جو حدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، زراعت ۾ اضافي جو حدف 3.5، انڊسٽريل سيڪٽر 6.5، سروسز سيڪٽر جو حدف 4.8 سيڪڙو هوندو، رٿابندي وزارت مالي سال 2021-22ع لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام پيش ڪيو، هلندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ نظرثاني تخمين موجب 1527 ارب رهندي، اجلاس ۾ مالي سال 2021-22ع جي ترقياتي بجيٽ 2100 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پي ايس ڊي پي جو حجم 900 ارب هوندو، وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آندي وڃي.