اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ ۾ 44 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. بجلي جون نيون قيمتون صرف جون جي بلن لاءِ هونديون. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جا صارفين هن رليف مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا. نيپرا ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ اپريل 2021 جي مد ۾ گهٽتائي ڪئي. نوٽيفڪيشن موجب سي پي پي اي 84 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي.