لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ ان هائوس تبديلي لاءِ متحرڪ ٿي ويو، حمزا شهباز هڪ هفتي ۾ مختلف اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز پارٽي اڳواڻن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي جو جائزو وٺي رپورٽ ڏني وڃي، ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن اسان پنجاب ۾ ان هائوس تبديلي آڻيون ته اسانجو ڪيترو اسڪور هوندو؟ ڪيترا ميمبر نواز ليگ سان گڏ هوندا، حمزا شهباز جي هدايت ليگي اڳواڻ جائزو وٺندا، ليگي اڳواڻ هم خيال اسيمبلي ميمبرن کي بجيٽ دوران غيرحاضر رهڻ تي به قائل ڪندا.