ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي جي 11 يوسيز سميت  سنڌ جي 25 ضلعن ۾ رهجي ويل 93 يوسيز ۽ وارڊن تي مڪاني چونڊون 18 اپريل تي ٿينديون، لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن جي مقررين، بدلين ۽ موڪلن تي پابندي، اميدوار ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهندا، ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾اڻوڻندڙ صورتحال سبب رهجي ويل 93 يوسيز ۽ وارڊن ۾ ٻيهر اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن موجب 18 مارچ کان رٽرننگ آفيسرن پاران پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته 20 کان 22 مارچ تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا، نوٽيفڪيشن موجب رٽرننگ آفيسرن پاران 29 کان 31 مارچ تائين نامزدگي ڪاغذ رد يا قبول ڪيا ويندا، جڏهن ته پهرين کان 4 اپريل تائين ٽربيونل ۾ اپيل ڪري سگهبي، 5 اپريل تي اميدوارن جي لسٽ شايع ڪئي ويندي، 6 اپريل تائين اميدوار هٿ کڻي سگهندا، 7 اپريل تي اميدوارن کي نشان الاٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته 18 اپريل تي صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين پولنگ جو عمل بنا وقفي جي جاري رهندو، اليڪشن ڪميشن پاران سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ٿيڻ تائين ڪو به اميدوار ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهندو، لاڳاپيل ضلعن  ۾ سرڪاري آفيسرن جي مقررين، بدلين  ۽ موڪلن تي به پابندي هوندي، واضح رهي ته جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، سانگهڙ، ٿرپارڪر، مٽياري ۽ ٽنڊو الهيار سميت ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ، ڪورنگي، ملير، اولهه، اوڀر، سينٽرل ۽ ڪياماڙي ۾ رهجي ويل يوسيز ۽ وارڊن تي مڪاني چونڊون 18 اپريل تي ٿينديون