لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي هاڻ نه پر ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ تي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت ان کي سياسي جماعت نه هڪ دهشتگرد جماعت وانگر منهن ڏئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته زمان پارڪ وارا منظر 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن نظر نه آيا، سياسي ۽ جمهوري جماعتن ته مقصد لاءِ جيل، جلا وطني ۽ ڦاهيون قبول ڪيون، انهن پوليس ۽ رياست تي حملو ڪيو، اها رياست خلاف سرعام بغاوت آهي، 2014 کان ائين ٿي رهيو آهي، هڪ انسان پان کي سياسي ليڊر سڏي ٿو، ان انسان پنج ڏينهن کان لاهور ۾ تماشو ڪيو آهي، قانون آڏو پيش ٿيڻ کان بچڻ لاءِ قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملو ڪيو. مريم نواز چيو ته جسٽس کوسا نواز شريف کي جهڙن لفظن سان سڏيو، ڏسو ته گاڊ فادر ۽ سيسلين مافيا ڪير آهي ۽ ڪيئن هوندي آهي؟ جسٽس کوسا جي چوڻ تي عمران خان نوازشريف خلاف پاناما ڪيس داخل ڪيو، اڄ جسٽس کوسا جي باقيات موجود آهي ۽ سهولتڪاري ڪري رهي آهي، اسان نظر رکيون ويٺا آهيون، رياست عمران خان کي پڪڙڻ چاهي ته 5 منٽن ۾ پڪڙي سگهي ٿي پر رتوڇاڻ نٿي چاهي، ڪچي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ زمان پارڪ ۾ جيڪو ٿئي پيو، ان ۾ ڪهڙو فرق آهي، زمان پارڪ ۾ ويٺل شخص ڪالعدم تنظيمن جي سهاري رياست تي حملا ڪري رهيو آهي، هي هاڻي آمريڪا کان معافيون گهري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ شخص آئين کي پيرن هيٺان لتاڙي رهيو آهي، هي قانون کان ايترو ڀڄي رهيو آهي جو کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، هي شخص شروع کان رياست تي حملا ڪري رهيو آهي، ڇا ٽيريان وارو ڪير ڪوڙو آهي؟ هي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي. مريم نواز چيو ته منهنجي خيال ۾ کيس في الحال گرفتار نه ڪيو وڃي پر ڪيس هلايا وڃن، ان کان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي انڊر ٽيڪنگ ورتي وڃي ته هر پيشي تي کيس پيش ٿيڻو پوندو، جڏهن ڪيسن جو فيصلو ٿي وڃي ته پوءِ کيس گرفتار ڪيو وڃي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ وري گرفتاري وارنٽ معطل ٿي ويا، عدالتن کي چونديس ته انصاف ڪن، جيڪڏهن حڪمن تي عمل نه ٿيڻ باوجود عدالتون چپ رهنديون ته سوال اٿندا ۽ اٿي رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته انهن سان سياسي جماعت جيان نه پر دهشتگرد ڪالعدم جماعتن جيان ڊيل ڪري. نواز ليگ جي چيف آرگنائيز چيو ته جنرل (ر) باجوه ۽ فيض حميد جيڪو ڪم ڪيو، اهو قوم سامهون آهي، ٻئي پاڻ اعتراف ڪري چڪا آهن، اداري کي پنهنجي ساک لاءِ انهن ٻنهي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، بيانيو ان کي ناهي چئبو ته جڏهن اوهان اقتدار ۾ هجو ته پير پڪڙيو ۽ اقتدار ۾ نه هجو ته ڳچي پڪڙيو. هن چيو ته پاڪستان جي هر بيماري جي جڙ عمران خان آهي، پاڪستان هر مسئلي جا پيرا عمران خان سان ملن ٿا، پاڪستان جي موجوده صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، جڏهن آئون هن جو نالو وٺندي آهيان ته تڪليف ٿيندي آهي. مريم نوا ز چيو ته بينچ فڪسنگ بند ٿيڻ گهرجي، بار بار ساڳيا جج بينچز ۾ ويهندا ته سوال اٿيندا، تجربو عمران خان کي آڻڻ لاءِ نه پر پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، هن کي خبر هئي ته نوازشريف کيس مدي ۾ واڌ نه ڏيندو، ان ڪري هن تجربو ڪيو، جنهن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو اهو به اڄ ان بيان تان پوئتي هٽي رهيو آهي.