ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي جي رھيل 11 يوسيز تي اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آھي، پولنگ 18 بدران 16 اپريل تي آچر ڏينهن تي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويندو ـ ڪالھ ادارا نور حق تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته جماعت پاران احتجاج جي ڏنل سڏ تي اڄ اليڪشن شيڊيول جاري ٿيو آھي، اھا ڪراچي جي عوام جي فتح آھي،  انھي ڪري 10 جاين تي ڌرڻا ملتوي ڪريون ٿا،  ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ جي ونگار وھڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻيھر احتجاج ڪنداسين ـ