سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف  مظاهرا

0
169
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف  مظاهرا جاري آھن، دادو ۾ ڪي اين شاهه، ميهڙ، جوهي جا ٻوڏ متاثر ٻئي ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل آھن، ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي دوران انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعرا ھنيا ويا

 ٻوڏ سٽيلن کي امدادي خيمن ۽ راشن سوڌو ٻيو امدادي سامان ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ٺل ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، انتظاميا تي من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ڏيڻ جا الزام ھنيا ويا

شاهپور چاڪر ۾ سِم نالي جو پاڻي نيڪال ۽ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن روئندي دانهيو ته گهر ٻڌي وڃڻ سبب دربدري واري زندگي گهاريون پيا، ٻچن سوڌو بک تي آهيون

متاثرن جو چوڻ ھو تھ ڪير به سار نٿو لهي، برسات ۽ ٻوڏ ۾ سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو، وڏو وزير صرف سکڻا دورا ڪري رھيو آھي، انتظاميا ڪجھ ناھي ڏنو

نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ سٽيل فنڪارن طرفان سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج، سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کي سار لهڻ جي اپيل ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ٻوڏ جي تباهيءَ جا اهڙا منظري پهرين ڪڏهن  نه ڏٺا: اينجلينا جولي

وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير