وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير

0
249

لاڙڪاڻو/رتوديرو/ميرو خان (نمائندن وٽان) رتيديري ۽ ميرو خان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي دوري دوران عورتن جو احتجاج، سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون ويون، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ميروخان ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ويو

وڏي وزير مراد علي شاھه ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل برسات متاثرن کان مسئلا معلوم ڪيا، وڏي وزير آڏو متاثرن  جون ٽينٽ ۽ راشن من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جون شڪايتون

متاثر عورتن موجب ڪجهه به ناهي مليو، رڳو چڪر لڳائي واپس وڃون ٿا،  ٻار بيمار لڳا پيا آهن، صحت جون ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون ويون

وڏي وزير طرفان عورتن جي شڪايت تي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي سيد مراد علي شاھ پاران چيو ويو تھ متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون

Alarm bells ring as epidemic in flood-hit areas of Sindh out of control

وڏي وزير مراد علي شاهه رتوديرو پھچي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري مسئلن بابت ڄاڻ ورتي،  وڏي وزير سان صوبائي وزير مراد  علي شاهه ناصر شاهه، مڪيش چاولا،  سهيل انور سيال ۽ ٻيا گڏ هئا

لاڙڪاڻي، رتيديري ۽ ميرو خان ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو چوڻ ھو تھ سنڌ ۾ 15 لک کان وڌيڪ خيمن جي سخت ضرورت آهي، شهرن ٻاهران بيٺل پاڻي ٻن مهينن اندر نيڪال ٿي ويندو

متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، سنڌ ۾ برسات  ۽ ٻوڏ سبب وڏي تباھي آئي آھي، متاثرن کي صبر ڪرڻو پوندو، مان پاڻ معاملن کي ڏسي رھيو آھيان

ھي به پڙھندا

پاڪ فوج ٺري ميرواهه جي متاثر عورت جي مدد لاءِ پهچي وئي، امدادي سامان تقسيم

ٻوڏ جي تباهيءَ جا اهڙا منظري پهرين ڪڏهن  نه ڏٺا: اينجلينا جولي