دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم هڪ درجو پوئتي ويندي ٽئين مان چوٿين نمبر تي هليو ويو، جڏهن ته محمد رضوان پهرين نمبر تي برقرار آهي. آءِ سي سي رينڪنگ موجب ڏکڻ آفريڪا جو ايڊن مارڪرم ٻئي نمبر تي جڏهن ته ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٽئين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو. ان کان علاوه انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان پنجين ۽ آسٽريليا جو ايرون فنچ ڇهين نمبر تي آهن. رينڪنگ جي فهرست موجب ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي ٻئي ۽ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي موجود آهن. افغانستان جو راشد خان چوٿين ۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا پنجين نمبر تي هليو ويو. پاڪستاني اسپنر شاداب خان 14 هين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته شاهين آفريدي 17 هين مان 19 هين نمبر تي هليو ويو. آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته افغانستان جو محمد نبي ٻئي ۽ انگلينڊ جو معين علي ٽئين نمبر تي آهن. سريلنڪا جو وانندو هرانگا چوٿين ۽ ڀارت جو هارديڪ پانڊيا ستين مان پنجين نمبر تي اچي ويو.