سوال/سروي … ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان ڪير ۽ ڪٿي وڪرو ڪري رهيو آهي؟ ڪهڙا ڪامورا ۽ وڏيرا ملوث آهن: عوام نشاندهي ڪري ڇڏي

0
146

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نئون ديرو ۾ متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڇا اوهان جي علائقي ۾ به متاثرن لاءِ آيل سامان وڪرو ٿي رهيو آهي؟ امدادي سامان جي شفاف ورڇ ڪيئن يقيني بڻائي سگهجي ٿي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪامورا ۽ وڏيرا ملوث آهن، امداد جي شفاف ورڇ لاءِ نظام جوڙيو وڃي، سامان وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، گودامن ۽ اوطاقن ۾ لڪايل سامان هٿ ڪري متاثرن کي ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شنڪر لال لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جو سامان ۽ ٽينٽ وغيره سب گودامن ۾ لڪائي رھيا آھن، سڄڻ بروهي لکيو ته اسان وٽ به ساڳئي صورتحال آهي، لياقت علي خان وگهيو لکيو ته ضلعي مٽياري ۾ به جيڪي وڏيرن جا واٺا آھن انھن کي ٽينٽ ۽ راشن مليو آھي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۾ امداد جو سامان وڏيرن جي گهرن ۽ گدامن ۾ رکيو ويو آهي غريبن کي ڪونه پيو ڏنو وڃي وري ٽينٽ وڪرو ٿي رهيا آهن، بهاول الدين جوڻيجو لکيو ته ٽينٽ وڪرو ڪرڻ بجاءِ ٻوڏ سٽيل مستحق ماڻھن کي ڏنا وڃن، عبدالنبي لکيو ته ڀرياسٽي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ سامان وڪرو ٿي رهيو آهي، محمد الياس لکيو ته اڃا اسٽور ڀريا پيا وڃن وقت اچڻ تي وڪرو ڪيا ويندا، جمال الدين چنا لکيو ته جيتري تائين سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ٻيو ته ٺھيو جيڪو مليو عوام کي لپ اٽي جي اميد به ڪانهي هن مان، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته اول ته حڪومت ٽينٽ تقسيم ئي ناهن ڪيا،۽ جيڪي ڪيا آھن اهي انهن کي جيڪي مستحق ناهن، انهن پاران اهي سڀئي وڪرو ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آھن، جن کي ٽينٽ مليو آھي انهن کان وري ڪرائي جو جواز ڄاڻائي پئسا ورتا ويا آھن، فياض ٻٻر به سروي ۾ حصو ورتو، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾ اٽو دال سب ڪجھه دڪانن تي سرعام پيو ھلي، مڇر دانيون ٽينٽ شفاف ورڇ هينئن ٿيندي ھر متاثر ماڻھو کي راشن پنھنجي شناختي ڪارڊ نمبر تي ڏنو وڃي، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جي علائقي ۾ به گودام ڀريا پيا آهن پر سامان ٻوڏ متاثرن کي نٿو ڏنو وڃي، ساجد حسين بلوچ لکيو ته ضلعي قمبر ۾ به راشن ۽ ٽينٽ ڀوتارن ايم پي ايز ۽ انهن جي ماڻھن متاثرن کي ڏيڻ بچاءِ پنهنجي اثر ھيٺ گودامن ۾ رکيو آهي، دامن خان لکيو ته هاڻ حڪومت جون ڪجهه سرگرميون نظر اچن ٿيون، نوشاد خاصخيلي لکيو ته امدادي سامان ڀوتارن ۽ بيڪارن حوالي ٿيندو اته هو مستحقن بدران وياجين واپارين دڪاندارن حوالي ئي ٿيندو، حڪومت کي گهرجي ته ڊي سيز کان مستحقن جا شناختي ڪارڊ نمبر وٺي ان آڌار هر ضلعي جي هر يوسي ۾ راشن ڪيمپ قائم ڪري سامان فوج ذريعي منظم طريقي سان عوام ۾ تقسيم ڪري، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته هن حڪومت ٽينٽ تقسيم ئي ناهن ڪيا ۽ جيڪي ٽينٽ ڏنا آهن اهي به مستحقن کي نه مليا آهن انهن پاران به اهي سڀئي ٽينٽ وڪرو ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آھن، جن کي ٽينٽ مليو آھي انهن کان وري ڪرائي جو جواز ڄاڻائي پئسا ورتا ويا آھن. ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته حڪومت ڪنهن به مستحق کي ٽينٽ نه ڏنا آهن پنهنجن  ماڻهن کي ٽينٽ ڏنا ويا آهن جيڪي مستحق نه آهن، ٽينٽ ڪرائي جو ڄاڻائي پئسا به ورتا پيا وڃن ٽينٽ وڪرو به ٿي رهيا آهن، بدين ۾ اها صورتحال آهي، جنيد زرين بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، تنها قادر شر لکيو ته اسان وٽ تعلقو سنڌڙي ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو ۾ ڪوبه امداد وغيره ناهي مليو ته عوام کپائيندو ڪٿان؟ غلام رضا راڄپر ۽ راشد بخاري به راءِ جو اظهار ڪيو، آڪاش پنهور لکيو ته ساڳيا ماڻھو ھر ھر امداد وٺي وڃن ٿا جن جي ڪري جيڪي متاثر آھن انھن کي نٿو ملي. نوجوانن کي گھرجي ته اڳيان اچي پنھنجي ماڻھن جي مالڪي ڪن ڊي سي کي به گھرجي ته لسٽون ڏسي سامان ڏئي، شفاف ورڇ لاءِ اهو هڪ طريقو آهي، باقي دادو ۾ به ساڳئي حالت آھي ماڻھن کي سامان ملي ٿو پر ڪافي ماڻھن کي نٿو ملي حڪمت عملي درست جوڙي وڃي، محمد حسين لکيو ته اهڙا کوڙ مثال آهن ٽينٽ ته ٺهيو پر راشن جا ڪٽا وڪرو ٿيا آهن،  ڪجهه ڏينهن اڳ سڪرنڊ ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي هليو هو، راشن جا ڪٽا رات جي وقت پنهنجن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا من پسندن کي امداي سامان ڏنو وڃي ٿو متاثرن جي مدد نٿي ڪئي وڃي، نندلال ڀيل لکيو ته ھتي ڳوٺ رتن آباد لگ نبي سر ٿر ۾ ٻوڏ متاثرن کي بلڪل به ٽينٽ ڪونه مليا باقي جيڪي ڀوتارن وڏيرن جا ماڻهو ھئا انھن کي ٽينٽ ڏئي انھن جا فوٽو ورتا ويا،  اسان وٽ تڪ جو ايم پي اي ته اسان ڪٿي به ناهي ڏٺو اھو ته ڳولي ڏيو ته ھن کان پڇون ته سنڌين جو ڏوهه ڪهڙو آهي ڇو انھن کي لاوارث حالت ۾ ڇڏي ڏنو آهي، مظفر بهاول لغاري لکيو ته چمبڙ ۾ هن واري عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي اسان وٽ سنجرچانگ ۽ عالماڻي فارم تي اهڙي بدنظمي جا چوٻول هلي رهيا آهن جنهن ۾ پنهنجا نوازي ۽ گدام ۾ سامان لڪائڻ جا انڪشاف ٿيا آهن باقي سروي ڪجي ته ٽنڊوالهيار- چمبڙ روڊ تي سوين ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن جي ڀرسان اجها ٺاهيو ويٺل آهن انهن ۾ سنڌ گورنمينٽ جا ڏنل ٽينٽ ظاهر ئي ناهن ته پوري سنڌجو اهو حال آهي اڌ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو دربدر آهن پر انهن مان چند لکن ۾ ڪجهه کي ٽينٽ ۽ امداد ملي سگهيو آهي، راجا رميش لکيو ته ڳجھه ڳوھه ۾ سڀ ڪم ٿين ٿا آھستي آھستي سڀ خبر پئجي ويندي باقي شفاف ورڇ لاءِ انتظاميا جي تربيت ڪرڻي پوندي، عبدالحفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري ۾ سيلاب متاثرن لاءِ ھوميو پيٿڪ ڊاڪٽرن جي تنظيم ايڇ پي سي اي پاران 70 ڪٽا راشن جا ڏنا ويا انهن بابت اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي متاثرن کي ڏيڻ بدران گم ڪيا ويا حڪومت پاران به برسات متاثرن لاءِ ٽينٽ مڇر دانيون راشن جا ٿيلها جيڪي چونڊيل ڪائونسلرن ۽ بااثرن جي حوالي ڪيا ويا اھي پڻ برسات متاثرن بجاءِ 17 گريڊ جي آفيسرن ۽ پنھنجا نوازي جي ور چڙھي ويا برسات متاثر صرف وانجھائيندا رھيا. سڪيش ڪمار لکيو ته بلڪل پوري سنڌ ۾ ٻاھرين ملڪن مان آيل امدادي سامان سنڌ ۾ سنڌ جي وڏيرن ايم اين اي ۽ ايم پي اي وڪڻي ڇڏيا ڪن ته وري پنھنجا گدام ڀري ڇڏيا سنڌ جو عوام وري پڻ سورن  ۾آهي ڪنهن کي رحم نه آيو آهي ته متاثرن تائين اٽي جي لپ پهچائي وڃي، سنتوش ڪمار لکيو ته هنن حڪمرانن کي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، امدادي سامان جي ورڇ ۾ چونڊيل نمائندن کي پري ڪيو وڃي، شهمير جمالي لکيو ته سڪرنڊ ۾ ڪجھه ڏينھن پھريان خبر ھلي ته پ پ جي ھڪ جيالي ٽينٽ وڪرو ڪيا آھن امداد صحيح نموني مستحقن تائين پھچائڻ جو بھترين طريقو اھو آھي ته ذميوار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ حڪمران ڌر جيڪي تعلقي ليول تائين پنھنجي پارٽي جا وڏيرا فوڪل پرسن مقرر ڪيا آھن انھن کي ختم ڪيو وڃي، يوسف ابراهيم لکيو ته جي بلڪل اھي ڳالهيون سچيون آھن اسان جي شھر ڀرياسٽي سان به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ٽينٽ راشن وڏيرا کائي ويا ڳوٺن ۾ روز بيمارين سبب لاش کنيا وڃن ٿا حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، شيراز احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾ وڪرو ٿيڻ جي ته خبر ناھي، باقي چونديل نمائند ڪامورا حصو پتي ڪري ھڙپ پيا ڪن، باقي علائقي واسين تائين ته يقيني طور امداد ناھي پھتي، شڪيل احمد لکيو ته سجاول ۾ الخدمت فائونڊيشن رليف ۾ سرڪار کان بهتر ڪم ڪيو آهي، قاسم سومرو لکيو ته تپيدارن وٽ متاثرن جا ديھه وائز انگ اکر لکيل هجن اهو رڪاڊ سڄي تعلقي جو مختيار ڪار وٽ هجي سرڪاري توڙي سماجي تنظميون ان رڪارڊ مطابق ڪم ڪن باقي هڪ کان وڌيڪ جنهن کي به ٽينٽ ملندو اهو کپائيندو ڪنهن غريب کي ڇو ڏيندو؟ واجد جمالي لکيو ته سڪرنڊ ۾ متاثرن کي هڪ به ٽينٽ ناهي مليو، قلندر باجڪاڻي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ڪنھن غريب کي ھڪ ٽينٽ به نه مليو باقي وڏيري جي پرچي تي ماڻھو ٽيڪٽر ٽراليون ڀرائي ٿا وڃن، بلال نهڙيو لکيو ته وک وک تي چور ويٺل آهن، متاثرن تائين سامان پهچائڻ مشڪل ٿو لڳي، مهراڻ خان بلوچ لکيو ته دادو ۾ پنهجن ئي ماڻهن ۽ انهن جي مائٽن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا پيا وڃن، فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ امدادي سامان پھتو به ناهي لڳي ٿو ايم پي اي ۽ ڊي سي گڏجي برسات متاثرن لاءِ آيل راشن ٽينٽ پھچڻ کان پھريان وڪرو ڪري ڇڏيا؟ حاجي خان پنهور لکيو ته اسان وٽ مڇردانيون رات پيٽ ۾ ڏنيون ٿيون وڃن راشن ٽينٽ وغيره ڪجهه به ناهن مليا ذريعن مطابق راشن ڊي سي آفيس ٽنڊو محمد خان مان من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، غلام حيدر لاکو لکيو ته هر جاءِ تي ٻوڏ متاثرن جو سامان واپارين معرفت وڪري لاءِ موجود آھي رڳو رقم چڱي هجڻ گهرجي، زاهد علي مجيداڻو لکيو ته تعلقي ٺري ميرواھ ۾ به افواھ ھلن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان مارڪيٽ ۾ ڏٺو ويو آهي، ۽ گورنمينٽ شفاف ورڇ چاهي ٿي ته سوشل تنظيمن جي مدد وٺي ڪجهه سوشل ورڪرن کي ساڻ ڪري انهن جي مدد سان علائقي ۾ شفاف ورڇ يقيني آهي، اسد زرداري لکيو ته اسان جي علائقي ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل سامان اڌ کان وڌيڪ وڪرو ٿي ويو ۽ باقي بچيل جا گودام ڀريا پيا آهن پر سامان ٻوڏ متاثرن کي نٿو ڏنو وڃي متاثرن کي چون ٿا مٿان کان ڪجھه ناھي مليو جڏھن مليو توھان کي ڏينداسين، اياز گل لغاري لکيو ته نصيرآباد جي چونڊيل نمائندن کي جيڪي ٽينٽ غريبن مسڪينن جي لاءِ مليا آهن اھي انھن ۾ تقسيم نه پيا ڪن  پنهنجي من پسند ماڻھن کي ڏين پيا وڃن، ساگر علي رضا لکيو ته ضلعي سجاول ۾ ڊي سي متاثرن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، سيلاب متاثر توڙي برسات متاثر بي يارو مددگار ويٺا آهن. ڊي سي سجاول صرف اوڪي اوڪي جي رپوٽ ڪرڻ ۾ پورو آهي، حبدار علي وارث لکيو ته فيض گنج ۾ ساڳئي صورت حال آھي ھڪ به ٽينٽ ڪنھن غريب کي نه مليو آهي.