حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي قومپرستن ۽ دانشورن ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ پاران 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن جي منظوري واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. قومپرستن ۽ دانشورن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته سي سي آءِ ۾ سدائين اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا آهن. سنڌ جي اعتراضن جي باوجود آدمشماري جي نتيجن جي منظوري جو مطلب اهو آهي ته اهڙو فيصلو سي سي آءِ نه پر وفاق ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن وفاق سي سي آءِ جا اختيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته سي سي آءِ جي آئيني حيثيت ختم ٿي ويندي. هڪ سروي ۾ ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ شروع کان وٺي آدمشماري جي عمل تي اعتراض واريا هئا ڇاڪاڻ ته شهري علائقن ۾ هڪ لساني تنظيم جي سيڪٽر انچارجن معرفت آدمشماري ڪرائي وئي جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ درست نموني سان ڳڻپ نه ڪئي وئي. هن ٻين صوبن جي آدمشماري وڌي رهي آهي ته پوءِ سنڌ جي آدمشماري ڪيئن گهٽ ٿي؟ سنڌ جي ماڻهن کي سي سي آءِ جي اهڙي عمل خلاف متحد تي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. دانشور مشتاق ميراڻي چيو ته پاڪستان ۾ اڪثريت جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جو رواج وڌل آهي. پنجاب ڪي پي ۽ بلوچستان کي پاڻ سان ملائي اڪثريت جي بنياد تي فيصلا وٺي ٿو جڏهن ته وفاق جا 2 نمائندا به سي سي آءِ ۾ موجود هجن ٿا. هن چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڪوششون هلندڙ آهي. بدقمستي سان سنڌ حڪومت به اهڙا فيصلا تسليم ڪري ٿي ۽ خود وفاق جي سهولتڪار به بڻجي ٿي. سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته هو متحد ٿي انهن سازشن جو مقابلو ڪن. ابرار قاضي چيو ته وفاقي حڪومت بي ايماني ڪري آدمشماري جي انگن اکرن جي آڊٽ کان ڪن لاٽار ڪئي ان ڪري هاڻي ايترو وقت نه هو جو آڊٽ ٿي سگهي. هن چيو ته في الحال اهو فيصلو سهي آهي ته آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته انهن نتيجن جي منظوري نه ملڻ جي ڪري مڪاني ادارن جون چونڊون رڪيل هيون. هن چيو ته آدمشماري جا نتيجا بي ايماني تي ٻڌل هئا ۽ 5 سيڪڙو آڊٽ جي جائز مطالبي کي به تسليم نه ڪيو وڃي. نامياري صحافي سهيل سانگي چيو ته سي سي آءِ ۾ سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا آهن. سنڌ حڪومت لاڳيتو آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض واريندي رهي آهي. سنڌ جي اعتراضن جي باوجود آدمشماري جا نتيجا قبول ڪرڻ سان خود عام چونڊن تي به سواليه نشان اچي ويندو. انهن نتيجن جي منظوري سي سي آءِ نه پر وفاقي حڪومت ڏني آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران سي سي آءِ جا اختيار استعمال ڪرڻ سان خود سي سي آءِ جي آئيني حيثيت ختم ٿي ويندي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته وفاق هر اهو فيصلو ڪري ٿو جنهن ۾ سنڌ کي نقصان هجي. آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جا اعتراض جائز آهن جن تي غور ٿيڻ گهرجي ها. تڪراري فيصلي کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي.