ڪراچي(شوبز نيوز)مشهور اداڪار عدانان صديقي ڀارتي اداڪار اميتاڀ، جيا بچن ۽ ريکا کي خراج تحسين پيش ڪيو.انسٽاگرام تي ادڪار عدنان صديقي ڀارتي هدايتڪار يش چوپڙا جي مشهور فلم ”سلسلا“ بابت پوسٽ ڪئي.اداڪار چيو ته هو ان فلم کي ڪيترائي ڀيرا ڏسي چڪو آهي ۽ هاڻ به هو پنهنجي پسنديده هدايتڪار يش چوپڙا جي فلم کي وري وري ڏسي سگهي ٿو، حالانڪه فلم ۾ ڏيکاريل ”لوٽرائنڪل“ تي فلم جي رليز کانپوءِ ڪافي تڪرار ٿيو هو.اداڪار چيو ته فلم ۾ اداڪاري ڪندڙ اميتاڀ بچن، جيا بچن ۽ ريکا جي اداڪاري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بهترين هئي، اداڪار سڀ کان وڌيڪ اميتاڀ کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته اميتاڀ بچن هڪ پيشوراڻو اداڪار آهي جنهن جي ڪافي تعريف ڪيان ٿو.