اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي مخالفت باوجود اڪثريت راءِ سان 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سي سي آءِ ملڪ اندر فوري تي نئين آدمشماري ڪرائڻ جي به منظوري ڏني آهي تفصيل
موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ واري هڪ نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ڪيو ويو، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جي اعتراضن باوجود اڪثريت راءِ سان 2017ع واري ڇهين آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان سان گڏ سي سي آءِ 10 سال مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ نئين آدمشماري جلد کان جلد ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، سي سي آءِ جي وفاق پاران مقرر ميمبر اسد عمر، ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ عمر ايوب سميت سي سي آءِ جي ڪل 8 ميمبرن مان 7 ميمبرن 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڪيلي ان فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ ان فيصلي خلاف ووٽ ڏيندي اختلافي نوٽ رڪارڊ ڪرايو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، اهي انگ اکر قبول ناهن، 2017ع جي آدشماري جي انگن اکرن کي رد ڪري سي سي آءِ نئين آدمشماري فوري طور تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري، اجلاس کان پوءِ ٿيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ وفاق جي ميمبرن، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي وڏن وزيرن 2017ع جي آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير فيصلي خلاف ووٽ ڏنو آهي، هن چيو ته 2017ع جي آدمشماري بابت فيصلو ڪرڻ کان سواءِ اسان اڳتي وڌي نه پئي سگهياسين، جيڪڏهن 2017ع جي آدمشماري کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪريون ها ته 1998ع جي آدمشماري جي انگن اکرن تي وڃڻو پوي ها، جنهن سان ٽن ننڍن صوبن جي 98ع جي آدمشماري جي انگن اکرن تحت قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽجي وڃي ها ۽ پنجاب صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي وڌي وڃي، وسيلن جي ورڇ ۾ به ٽن ننڍن صوبن کي گهٽ وسيلا ملن ها ۽ پنجاب صوبي کي فائدو ٿئي ها، هن چيو ته 2017ع جي آدمشماري تي سڄي ملڪ مان سوال اٿاريا ويا، جڏهن ملڪ جي ڪيترن ئي حصن مان آدمشماري تي سوال اٿاريا وڃن ته اهو ملڪ جي يڪجهتي لاءِ سٺو عمل ناهي، آدمشماري جي انگن اکرن تي اتفاق راءِ ۽ عوام جو اعتماد هجڻ ضروري آهي، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ 5 سيڪڙو سينسز بلاڪن جي آڊٽ ڪرائڻ ممڪن نه هو، 2017ع جي آدمشماري کي رد يا منظور ڪرڻ وارو ئي رستو هو، اڪثريت راءِ سان 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ آدمشماري لاءِ 10 سالن جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، نئين آدمشماري فوري طور تي ڪرائي ويندي، هن چيو ته ان حوالي سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جي سربراهي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ آدمشماري جي ماهرن کي شامل ڪيو ويو هو، ان ڪاميٽي ڪافي ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، اها ڪاميٽي 6 کان 8 هفتن اندر نئين آدمشماري ڪرائڻ جو فريم ورڪ تيار ڪري وٺندي، نئين آدمشماري ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو، آدمشماري بابت اقوام متحده جي مقرر ڪيل معيارن کي بنياد بڻايو ويندو ۽ آدمشماري شفاف طريقيڪار سان ڪرائي ويندي، هن چيو ته نئين آدمشماري جو فريم ورڪ 6 کان 8 هفتن ۾ تيار ٿي ويندو، جيڪو سي سي آءِ جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، ائين نئين آدمشماري جو عمل مئي جي آخر، سيپٽمبر يا آڪٽوبر مهيني ۾ شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري 18 مهينن اندر مڪمل ٿيندي ۽ ائين آدمشماري 2023ع جي چونڊن کان 6 مهينا پهريان مڪمل ڪئي ويندي، اسد عمر چيو ته 2017ع جي آدمشماري جا نتيجا درست هئا يا غلط پر انهن ۾ صوبائي حڪومتن ۽ وفاق جي مشاورت شامل هئي، جڏهن 2017ع جي آدمشماري ٿي تڏهن پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ حڪومت نه هئي، وفاق ۾ مسلم ليگ (نواز) جي حڪومت هئي ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هئي، هن چيو ته سمورن صوبن خاص طور سنڌ جي عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته جڏهن هڪ ٻئي تي شڪ هجي ۽ فيصلن تي سواليه نشان لڳن ته ان سان ملڪ ڪمزور ٿيندوآهي، شماريات کاتي وٽ 2017ع جي آدمشماري تي هر اعتراض جو جواب موجود آهي، نئين آدمشماري جي عمل ۾ صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي، سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته2017 جي آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي لاهور کان گهٽ نه ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته ايندڙ آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ٿيندي يا نه بابت فيصلو سي سي آءِ کي ڪرڻو آهي، باقي سي سي آءِ جي فيصلي کان پوءِ ايندڙ مالي سال 2021-22 ۽ 2022-23ع جي بجيٽن ۾ پيسا رکيا ويندا، ڪل 23 ارب رپيا خرچ ٿيندا، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو موقف هو ته 2017ع جي آدمشماري کي رد ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي نئين آدمشماري ڪرائي وڃي، ان سان وسيلن جي ورڇ ۽ قومي اسيمبلي ۾ سيٽون 98 جي آدمشماري تحت طئي ڪرڻيون پون ها، سنڌ سميت ٽنهي ننڍن صوبن جون سيٽون ۽ وسيلا گهٽ ٿي وڃن ها، نئين آدمشماري ڪرائڻ تي ڪو اختلاف ناهي، ن چيو ته 2017 جي آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ 2017ع جي آدمشماري تحت تڪبنديون ڪرائي بلدياتي چونڊون صوبن کي ڪرائڻيون آهن، معلوم ناهي ته صوبا ڪهڙو فيصلو ڪندا؟