سنڌ جي سوا 6 لک پورهيتن جا “مزدور ڪارڊز” ٺهرائڻ لاءِ نادرا سان معاهدو

0
323
پورهيتن جا “مزدور ڪارڊز”
سنڌ جي سوا 6 لک پورهيتن جا “مزدور ڪارڊز” ٺهرائڻ لاءِ نادرا سان معاهدو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار سوا 6 لک پورهيتن جا “مزدور ڪارڊز” ٺهرائڻ لاءِ نادرا سان معاهدو ڪري ورتو

صوبائي وزير سعيد غني اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت نادرا “مزدور ڪارڊز” جِي ڊيٽا انٽري لاءِ 162 ملازم ڀرتي ڪندي

هن چيو ته نادرا جون ٽيمون صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ وڃي پورهيتن جِي ڊيٽا به گڏ ڪنديون، ٻين جون گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيور ۽ ريڙهي وارا به مزدور ڪارڊ جِي سهولتن جا مستحق هوندا

سعيد غني موجب مزدور ڪارڊ رکندڙ شخص ۽ سندس ٻارن کي صحت ۽ تعليم سميت ٻيون مفت سهولتون ۽ رعايتون فراهم ڪيون وينديون

صوبائي وزير چيو ته مزدور ڪارڊز اسڪيم شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام کان به وڏو منصوبو ثابت ٿيندو، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ پورهيتن کي به ڪارڊز ٺاهي ڏنا ويندا