سنڌ جو ملهه پهلوان عارف راهو لاڏاڻو ڪري ويو

0
396

نواب ولي محمد (ن پ ا) سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان عارف راهو بيماري سبب 65 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڳوٺ عارف راهو ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان عارف راهو 65 سالن جي ڄمار ۾ فالج ۽ شوگر جي بيماري سبب وفات ڪري ويو، عارف راهو ملهه مقابلن ۾ ڪيترائي ڀيرا سنڌ گيمز ڀٽ شاهه قلندر جي ميلي ۾ ملاکڙو کٽي ايوارڊ حاصل ڪيا، جڏهن ته هڪ سال کان بيماري سبب گهر ۾ کٽ تي پيل هو پر ثقافت کاتي سندس ڪا به سار نه لڌي، سندس تڏو ڳوٺ عارف راهو ۾ وڇايو ويو آهي.