حليم شيخ تي فرد جرم لاڳو، ڪرپشن خلاف ڳالھائڻ جي سزا آهي: اپوزيشن ليڊر

0
345

ميرپورماٿيلو )ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي فرسٽ سول جج جي عدالت اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مٿان جروار ٿاڻي تي ھنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ پاڻ مٿان لڳل الزام مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس تي ڳالھائڻ ڪري مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، مون کي ڦاسايو ويو ته جيئن ڪير به ڪرپشن جي خلاف نه ڳالھائي، هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت راشن جي نالي تي ساڍا ست ارب روپيا ھڙپ ڪيا، ڪتا مارڻ جي نالي تي ھڪ ھڪ ھفتي ۾ 6 ،6 ڪروڙ خرچ ڪيا پيا وڃن هن کان اڳ ڪتن کي کسي ڪرڻ جي نالي تي 92 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي وئي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي جو فصل لھي چڪو پر آبادگارن کي بــارداڻو ناھي مليو.