ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ملاقات ڪئي. حليم عادل شيخ ارباب غلام رحيم کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني، ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار جي نااهلي سبب عوام پريشان آهي، عوام هن وقت عمران خان ڏسي رهيو آهي، اهو ئي پ پ مان نجات ڏياري سگهي ٿو، انهي لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪري رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو.