ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ، اسٽيٽ بينڪ ۽ ون لنڪ وچ ۾ ٽيڪس وصولي جو معاهدو ٿي ويو آهي، ڪالهه سنڌ جي ناڻي کاتي جي سيڪريٽري حسن نقوي ۽ سي اي او ون نجيب آگراوالا ۽ اسٽيٽ بينڪ جي قدير بخش معاهدي تي صحيح ڪئي، جنهن بعد ايس آر بي ۽ ايڪسائيز جا ٽيڪس آن لائين بينڪن، موبائيل اپليڪشن ۽ ايزي پئسا ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاه چيو ته سنڌ جو ناڻو کاتو هر سال 240 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪندو آهي، ٽيڪس نظام ۾ سهولتن سان وصولي ۾ اضافو ٿيندو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ٽيڪس به ون لنڪ ذريعي وصول ڪيا پيا وڃن، انهي ڪري عوام آن لائين ٽيڪس نظام مان فائدو حاصل ڪري.