جيڪب آباد (رپورٽر) باھوکوسو ٿاڻي تي مقامي صحافي عبدالوحيد مرھيٽو عدالت مان ضمانت ڪرائي ليٽر کڻي پھتو ته پوليس کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، اھڙي اطلاع تي صحافي جي ٻُڍڙي امڙ رحمت خاتون ۽ زال سندس ڳولا ڪئي پر هن جو ڪٿي به ڏس پتو پئجي نه سگهيو، جنهن بعد صحافي جي امڙ پاڪ ڪتاب کڻي اڌ رات جو ٺل جي صحافين وٽ پھتي. هن ٻڌايو ته پٽ کي پوليس بيگناهه گم ڪري ڇڏيو آهي، هن خدشو ظاهر ڪيو ته پوليس پٽ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيندي، بعد ۾ باھو کوسو پوليس فيض محمد نالي فريادي گناھه نمبر 38 جي ڪيس ۾ صحافي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. باھوکوسو پوليس صحافي عبدالوحيد مرھيٽو کي ٺل جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي صحافي کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڙهي حسن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او باھو کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صحافي خلاف پنهنجي مائٽن 22 اي تحت ٻه ڪيس داخل ڪرايا آهن، ھڪ ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ بعد صحافي کي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانه صحافين پوليس جي اهڙي زيادتي خلاف احتجاج ڪندي معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.