ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، الزام هيٺ آيل ڌر مٿان 3 لک رپيا ڏنڊ مقرر، خبر موجب ڪرمپور شهر جي نصيراڻي ۽ دايا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڳوٺ شاهنواز بنگلاڻي ۾ فضل بنگلاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو شريڪ ٿيا. ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ابراهيم دايو ڌر مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي مٿس 3 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر ذوالفقار نصيراڻي کي هڪ لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، جڏهن ته بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.