ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت مبينا رشوت وٺي پرڏيهين کي نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 3 جوابدارن محمد امين، ميراج ۽ عبدالعزيز کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪئي آهي. ڪالهه ايف آءِ اي عدالت ۾ انڪشاف ڪيو ته جوابدارن جعلي ڪاغذن تي نادرا مان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا، جوابدار محمد امين جنهن سڃاڻپ ڪارڊ نمبر مان ڪارڊ ٺهرايو اهو پهريان ڪنهن ٻئي جو آهي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ موجب جوابدار محمد امين ۽ ان جي والد جي عمر به صرف 9 سالن جو فرق آهي. ايف آءِ اي چيو ته پيءُ ۽ پٽ جي عمر ۾ 9 سالن جو فرق قدرتي طور تي ٿي ئي نه ٿو سگهي.