ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڀارت ۾ موجود اهڙي پاڪستاني نينگر جي وارثن جي ڳولا آهي، جيڪو نه ٻڌي ۽ نه ئي ڳالهائي سگهي ٿو. ايڌي فائونڊيشن موجب اهو نينگر 9 سال پهرين غلطي سان سرحد پار ڪري ڀارت هليو ويو، هن وقت گونگن ٻوڙن ٻارن جي اسڪول ۾ موجود آهي. نينگر اشارن سان سمجهايو ته سندس ٽي ڀينر ۽ ٽي ڀائر آهن، والد منڊڪائي هلندو آهي، هن اهو به سمجهايو ته هو ڪنهن پهاڙي علائقي جو رهواسي آهي، جتي اخروٽ به هوندا آهن. فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته ٻار جي وارثن جي ڳولا ۾ ايڌي فائونڊيشن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن کيس ڏيهه آڻي سگھجي.