کورواھ (ن پ ا) کورواھ ويجھو 28 چڪ ڀرسان کورواھ پوليس مقابلو ڄاڻائي ٽن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حراست ۾ ورتل جوابدارن ۾ ولي محمد عرف عليم ملاح، محمد عرف فوجي پارهيڙي ۽ عرس پارهيڙي شامل آھن. ٽنهي زخمين کي گولاڙچي اسپتال داخل ڪرايو ويو آھي. کورواھ پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار 28 چڪ ڀرسان ڦر جي ارادي سان بيٺل ھئا ته مقابلو ٿي پيو. پوليس ڦورون وٺان گذريل ھفتي ڪراچي بدين روڊ تان ڦر ٿيل شھزور ھٿ ڪرڻ جي به دعوا ڪئي آھي. ٻئي پاسي ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار کورواھ پهچي ان حوالي سان ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڦورو گذريل ھفتي کان ضلعي بدين ۾ واردتون ڪري رھيا ھئا ته اڄ پوليس پارٽي جو ڦورن سان مقابلو ٿي پيو. هن ٻڌايو ته ان کان علاوه ماتلي، ٽنڊو غلام علي ۽ ڏيئي ۾ پڻ ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي بدين ان موقعي تي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي لاءِ 50ھزار ۽ سي سي ٿري جو اعلان پڻ ڪيو.