ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ 32 حياتيون کسي ورتيون، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 4.89، سنڌ ۾ 10، ڪراچي ۾21 ۽ حيدرآباد ۾ 10.5سيڪڙو رهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 1841 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد فعال ڪيسن جو انگ 54122 ٿي ويو، ٻئي طرف سول ايوي ايشن پهرين آگسٽ کان ڊومسٽڪ اڏامن ۾ بنا ڪورونا ويڪسين وارن مسافرن جي سفر تي بندش لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين نه لڳائيندڙ شهري موبائل فون، فيس بوڪ، واٽس ايپ سميت سوشل ميڊيا جا سمورا پليٽ فارم استعمال ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا، سنڌ حڪومت ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي پهرين مرحلي ۾ موبائيل سِم بلاڪ ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ، ٻئي مرحلي ۾ فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ بند ڪرڻ ۽ ٽئين مرحلي ۾ موبائل فون مان ڪال ڪرڻ جي سهوليت ختم ڪرڻ ۽ آخري مرحلي ۾ مڪمل طور تي موبائل سِم بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سفارشون اين سي او سي ڏانهن اماڻي ڇڏيون، صحت کاتي جي اختيارين پاران اين سي او سي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ ويڪسين نه لڳائيندڙ شهرين کان موبائيل فون، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز جون سهوليتون واپس وٺڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن، جيئن صوبي جي هر شهري کي ويڪسين لڳرائي سگھجي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف مرحليوار ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب اسڪولن ۽ ڪاليجن کانپوءِ سمورين يونيورسٽين کي 31 جولاءِ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري سموريون يونيورسٽيون 31 جولاءِ تائين بند رهنديون، جڏهن ته يونيورسٽين پاران طئه ٿيل امتحان شيڊيول مطابق جاري رهندا. هوڏانهن سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 21 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1683 نوان ڪيس ظاھر ٿيا آهن، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ھن وقت 36167 مريض علاج ھيٺ آهن، جن مان 34957 گھرن، 69 آئسوليشن سينيٽرن ۽ 1141 مختلف اسپتالن ۾داخل آهن. 1008 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 81 مريض وينٽيليٽر تي آھن. ڪراچي ۾ 1447، حيدرآباد ۾ 51، شھيد بينظير آباد ۾ 19، ڄامشورو ۾ 17، بدين ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 15-15، ٿرپارڪر ۾ 12، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ 10-10، سجاول ۾ 9، سکر ۽ خيرپور ۾ 6-6، دادو، ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 7-7، سانگهڙ ۾ 4، نوشھري فيروز ۽ گھوٽڪي ۾ 3-3، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2-2، مٽياري ۽ شڪار پور ۾ ھڪ ھڪ نئون ڪيس ظاھر ٿيو آھي، هوڏانهن جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ منگرخان پليجو جو رھواسي ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جو ايم سي او ڏاڏا فيض محمد پليجو ڪورونا وگهي ڪراچي سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب 5 يونين ڪائونسلن جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آھي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوسي 2 جي ناصر ڪالوني، يوسي 3 جي چڪرا ڳوٺ، يوسي 10 جي ڀٽائي ڪالوني، يوسي 6 جي گلزار ڪالوني جي مختلف علائقن ۾ 14 ڏينھن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو رھندو، لاڪ ڊائون دوران عوامي اجتماعن يا ڪنھن به قسم جي تقريبن تي 6 آگسٽ تائين پابندي لاڳو رھندي.