ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي واپاري اتحاد هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ ۽ ڪاروبار جو وقت 12 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ واري حڪومتي فيصلو رد ڪندي 28 جولاءِ تي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، واپارين شادي هال کولڻ جي گھُر ڪندي چيو آهي ته وزيراعليٰ هائوس ڏانهن چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ وينداسين، ڪاروبار جو وقت مقرر ڪرڻ لاءِ واپارين سان مشاوت ڪئي وڃي، هفتي ۾ رڳو آچر ڏهاڙي ڪاروبار بند رکيو وڃي، ان حوالي سان ڪراچي واپاري اتحاد جي اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي، رضوان عرفان، رئيس احمد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران هفتي ۾ جمعي ۽ آچر تي 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ ۽ ڪاروبار جو 12 ڪلاڪ وقت مقرر ڪرڻ بابت واپارين کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، جنهن تي اسان احتجاج جو حق رکون ٿا، هنن چيو ته شادي هالز کي فوري طور تي کوليو وڃي، جيئن شادي هالز وارا پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگھن. هنن مطالبو ڪيو ته هفتي ۾ ٻن ڏينهن بجاءِ رڳو هڪ ڏينهن جمعي تي ڪاروبار بند رکيو وڃي، آچر تي ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي شادي هالز به کوليا وڃن. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا منظور نه ٿيا ته اربع 28 جولاءِ تي واپاري تنظيمن پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن پرامن احتجاجي مارچ ڪري چارٽر آفي ڊيمانڊ پيش ڪنداسين.