اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان تعلق رکندڙ جج محمد علي مظهر جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 28 جولاءِ تي ڪوٺايو ويو آهي، ذريعن مطابق اجلاس جي صدارت چيف جسٽس گلزار احمد ڪندو، اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر جي نالي تي غور ڪيو ويندو ته کيس سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي، ان کان پهريان 13 جولاءِ تي جوڊيشل ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جمال خان مندوخيل کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪي آهي، 13 جولاءِ واري اجلاس ۾ جسٽس محمد علي مظهر جو نالو پڻ غور هيٺ هو پر وڪيلن ۽ بار ايسوسيئيشن پاران سندس مقرري تي اختلاف ڪرڻ سبب نالي تي غور نه ڪيو ويو هو.