ٺٽو ( رپورٽر ) ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري  چيو آھي تہ ھڪ طرف سنڌ سرڪار ڪوھستان کان وٺي سامونڊي پٽي تائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينون ڀڳڙن مُٺ تي ڌارين کي وڪرو ڪري ڇڏيون آھن تہ ٻئي طرف ڪراچي ۾ آباد سنڌي وسندين کي ڊاھي پٽ ڪري ڌرتي جي اصلوڪي ڌڻين کي بيدخل ڪري غير مقامي پرڏيھين کي آباد ڪري رھي آھي هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪراچي جي غازي ڳوٺ تي ٿيل حملي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي ٿيل تشدد توڙي ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وڌيڪ چيو ته ڌارين ابادڪاري کي روڪي مقامي ماڻھن کي بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.