ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور لڳ ڳوٺ الاهي بخش بجاراڻي ۾ صحافي جي گهر تي  هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي. جاني نقصان نه ٿيو. صحافي شيرزمان بجاراڻي جو چوڻ هو ته سبزوئي برادري جا ڏوهاري ڀتو گهري رهيا آهن. ڏوهاري عزيز سبزوئي ڌمڪي ڏني آهي ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ساريالو فصل پوکڻ نه ڏينداسين، جڏهن ته ڏوهارين 6 مهينا اڳ به حملو ڪري فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ ڳوٺ ۾  پوليس چوڪي تي مقرر پوليس اهلڪار پڻ شهيد ٿي ويو هو، اطلاع تي ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهتي هٿياربند فرار ٿي ويا.s