ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ واپڊا پاران  ٽيڪس جي نالي ۾ اضافي بل موڪلڻ خلاف شھرين تيرٿ ڀيل، شتوش لوھار، جڳديش مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته واپڊا وارن جو زيادتيون وڌي ويون آهن، واڌو بلن کان علاوه سيل ٽيڪس جي نالي ۾ به ھزارين رپيا وڌيڪ  موڪليا ويا آهن، ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ٽيڪس جي نالي ۾ واڌو بل موڪلڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.