سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو لاش هٿ

0
291
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو لاش هٿ
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو لاش هٿ

ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اظهر خان جو لاش ايڌي سرد خاني مان مليو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مھتاب نالي شخص لاش ايڌي سرد خاني ۾ رکرايو هو

پوليس موجب اظهر خان جو پنهنجي ساِلي عافيا سان جهيڙو ٿيو، ان دوران جو مڙس مھتاب آيو، جنهن اظهر خان کي ڌڪ زخمي ڪيو، زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس موجب اسپتال ۾ ڊاڪٽرن اظهر خان جي موت جي تصديق ڪئي،جنهن بعد جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي لاش ڪار ۾ کڻي ايڌي سرد خاني رکرايو

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

ڏوڪري ۾ پرائمري استاد شاگردياڻي سان ڏاڍائي جي الزام ۾ گرفتار