سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضن توڙي ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم جا مظاهرا

0
311
سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضن توڙي ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم جا مظاهرا
سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضن توڙي ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم جا مظاهرا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جسقم جي سڏ تي بحريا ٽائون، ٻيٽن تي قبضن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

ڪنڌڪوٽ  ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن بشام سنڌي، رضا ڀٽو، بشير خان، اسلم حاجي سهڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

شهدادپور ۾ جسقم ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، بحريه ٽائون ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي وئي

ڪنري ۾ جسقم رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، شاھنواز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان الله واري چوڪ ڪنري تائين ريلي ڪڍي وئي

اڳواڻن چيو ته سازش تحت سنڌ جي تعليم تباهه ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، ترقي جي نالي تي سنڌ جي ملڪيتن تي قبضو ڪري ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن