ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي افغانين کي خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان سرحد تي روڪي کين اتي ڪئمپن ۾ رهائڻ ۽ سنڌ اندر موجود افغانين سوڌو سمورن غيرملڪين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻڻ، بحريا جي زمين جي حدبندي ڪرائي والار ڪيل زمين آجي ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي جاري تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ 31 جولائي کان سانگهڙ مان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ ۽ 7 آگسٽ تي نوابشاهه ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سينيئر سياستدان ممتاز ڀٽو جي وڇوڙي کي سنڌ جو قومي نقصان قرار ڏنو آهي، رپورٽ موجب سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراھي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر سجاد احمد چانديو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي نائب صدر نور نبي راھوجو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاھ، ھالار رتڙ، نعيم ملڪ، روشن ٻرڙو،تاج جويو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بحريا ڪيس ۾ گرفتار ٿيل قيدين جيڪي ضمانتي مچلڪا نه ڏئي سگھيا آھن، انھن قيدين کي ضمانتون ڏئي آزاد ڪرائينداسين، سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي انھي ڳالهه جو پڪو پھُه ڪيو آھي ته سنڌ ۾ زرداري سرڪار جي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني کي جدوجھد ذريعي عوام اڳيان پڌرو ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ ھر قرباني ڏئي سنڌ جي قومي مفادن جو تحفظ ڪنداسين، هن چيو ته ڄامشوري ضلعي ۾ سي آءِ اي انچارج ۽ سنڌ پوليس موبائل سڳ سوڌو پڪڙجي چڪي آھي، اسان سمجھون ٿا ته ڄاڻايل آفيسر ايم اين اي سڪندر راھپوٽي جو ڀاءَ آھي ۽ وڏي وزير جو ويجھو آھي، ان ڪري اھو به قانون جي ڪمزور پنجوڙ مان نڪري ويندو، سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته عوامي رابطا مھم جي جدوجھد جو ٽيون مرحلو 31 جولائي کان سانگھڙ ضلعو کان شروع ڪيو ويندو، جنھن ۾ ٽنڊو آدم ، شھدادپور ۽ شاھپورچاڪر ، پھرين آگسٽ تي دوڙ ، ٻانڌي ، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ، 2 آگسٽ نواب ولي محمد ، دولتپور ، شاھپور جھانيان ۽ مورو ۾ ھزارين ماڻھن جا جلسا ڪيا ويندا ۽ 7 آگسٽ تي نوابشاهه شھر ۾ جلسو ڪيو ويندو.