ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي برساتن جي ٻئي رائونڊ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 21 جولاءِ کان هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ شروع ٿيندو، جنهن سبب 24 يا 25 جولاءِ تي ڪراچي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي، انهن ڏينهن ۾ گرمي پد جو 35 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. ٻئي طرف ڪالهه به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ جهڙ ڦڙ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.