لاهور (بيورو رپورٽ) جهانگير ترين گروپ حڪومتي واعدن جو جائز وٺڻ لاءِ عيد کانپوءِ پنهنجي گروپ جو اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، ذريعن موجب اجلاس 2 آگسٽ تي نٿيا گلي ۾ گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ترين گروپ جي ايندڙ سياسي حڪمت عملي بابت مشاورت ڪئي ويندي، ذريعن موجب حڪومت بجيٽ کان اڳ ترين گروپ سان واعدا ڪيا هئا، اجلاس ۾ اهو جائزو ورتو ويندو ته حڪومت ڪيترن واعدن تي عمل ڪيو آهي، ترين گروپ جي ميمبر نذير چوهان خلاف ڪيس تي به مشاورت ڪئي ويندي.