اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو مختصر ترين اجلاس، صرف 12 ميمبر موجود، ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ گورنر سنڌ ممتاز ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، ڪورم پورو نه هجڻ تي نشاندهي کان اڳ ئي ڊپٽي اسپيڪر پاڻمرادو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ 12 ميمبر شريڪ ٿيا، حڪومت جا 9 ۽ مخالف ڌر جا 3 ميمبر شامل هئا. ڪجهه منٽن لاءِ گهرايل اجلاس جو مقصد قومي اسيمبلي جا پارلياماني ڏينهن پورا ڪرڻ لاءِ ڳڻپ پوري ڪرڻي هئي. هاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس 30 جولاءِ تي ٿيندو.